ٽنڊو آدم(ن پ ا) سنڌ جي ڀلوڙ راڳي محمد عرس چانڊيو جي ستين ورسي ٽنڊي آدم ۾ ملهائي وئي، شاگردن، مداحن ۽ سول سوسائٽي جي شرڪت رپورٽ موجب سنڌ جي ڀلوڙ راڳي مرحوم محمد عرس چانڊيو جي 7هين ورسي سماجي تنظيم ڪائنات ھسٽاريڪل، ڪلچرل، پيس اينڊ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ جي چيئرمين رياض سنجراڻي پاران سندس شاگرد فھيم خاصخيليءَ جي گڏيل سھڪار سان ڄام تماچي ريسٽ هائوس جي روڊ تي ملهائي وئي ورسي تقريب ۾ محمد عرس چانڊيو جي فرزند گلشير عرس چانڊيو، شاگردن فھيم خاصخيلي، اختيار چانڊيو سميت فنڪاره عائشه سومرو، رياض سنجراڻي، انور علي مري، اخلاق ورياھ، وفا رضا بلوچ، گل حسن لاکو، ساگر ڏھراج، باغي مجاھد ٿھيم، الھداد مري، عبدالستار ساند، ڪاميڊين آصف ابڙو، منصور ٻجورو، زبير ماڪوڙاڻي، ايڊوڪيٽ اشرف پنھور، شبير ڪوريجو، عاشق حسين ساند، ممتاز تميمي، خالد خاصخيلي، غلام نبي خاصخيلي سميت سياسي، سماجي، ثقافتي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي فردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي مقررن مرحوم محمد عرس چانڊيو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته مرحوم محمد عرس چانڊيو پنهنجي استاد مرحوم جلال چانڊيو جو تسلسل ھو جنھن پنهنجي استاد جي عوامي انداز کي جاري رکيو۔ ھنن چيو تہ مرحوم محمد عرس چانڊيو ملڪ سميت ڪيترن ئي ٻاھرين ملڪن ۾ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري خوب مڃتا ماڻي۔ ھنن چيو ته سندس وڇوڙي سان لوڪ موسيقيءَ اندر ھڪ وڏو خال پيدا ٿيو آھي جنھن جو پورائو ٿيڻ مشڪل آھي. جڏهن ته فنڪارن راڳ ٻڌائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ان کان اڳ مرحوم جي ايصال ثواب لاء قرآن خواني بعد خيرات جي ماني کارائي وئي۔