ٽنڊو آدم(رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊو آدم ۾ حد دخليون هٽائڻ دوران دڪاندارن جي مزاحمت، ميونسپل عملي سان منهن ماري، ڇڪتاڻ، ڌرڻو، رپورٽ موجب ميونسپل انتظاميا انڪروچمينٽ انچارج عمران سمون جي اڳواڻي ۾ عملي جٽيا ڦاٽڪ، بنگلا روڊ ۽ ٻين هنڌن تان حَد دخليون ڄاڻائي دڪاندارن جا ڇپرا، دڪا ۽ ڏاڪڻيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، جنهن دوران دڪاندارن ۽ ميونسپل عملي ۾ منهن ماري بعد ڇڪتاڻ ٿي، جنهن دوران انجمن تاجران جا اڳواڻ اقبال ڀٽي، حبيب بهلم، فيصل عزيز غوري ۽ ٻيا پهچي ويا، جڏهن ته مڇريل ماڻهن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ عملي کي آپريشن ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، احتجاج ۽ مزاحمت سبب عملي ڀڄي جان بچائي، واپاري اڳواڻن ۽ دڪاندارن دانهيندي چيو ته ميونسپل عملي حددخليون هٽائڻ خلاف آپريشن نه پر انتقامي ڪارروائي ڪئي آھي، بااثرن جا قبضا ڇڏي غريب دڪاندارن جا دڪا ۽ ڇپرا ڊاٺا آھن، سمورو شهر حددخلين جي ور چڙهيل آهي پر بااَثرن خِلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، هنن گهر ڪئي ته بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي.