ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ جماعت اسلامي پاران سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙيل راڄ ۽ صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سيد عريف الله سيفي، عبدالغفور انصاري، عبدالستار انصاري ۽ حاجي نور حسن انصاري چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن و امان تي ڪنٽرول ڪري ناهي سگهي، ڌاڙيل راڄ قائم آھي، معصوم نياڻي پريا ڪماري سميت ڪيترائي ماڻھو ڌاڙيلن جي قيد ۾ آھن، بدامني سبب عوام جو ڪاروبار ۽ زندگيون داءَ تي لڳل آھن، سنڌ حڪومت سياسي انتقام تي لهي آئي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪاشف سعيد شيخ مٿان ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.