ٽنڊو آدم(ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ پارس هائوس جي پٺيان ڪريل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت جهامن داس ڪڇي جون 4 مينهون مري ويون، جڏهن ته نينگر کي بچائي ورتو، وارث مردن، عورتن ٻارن سميت حسيڪو خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته حيسڪو جي نااَهلي سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي، اطلاع باوجود حيسڪو عملدارن نه بجلي جون ڪريل تارون ٺاهيون نه ئي ڪرنٽ بند ڪيو، جنهن سبب مينهون جَهنگ ۾ چَرڻَ ويون ته ڪِريَل تار مان ڪَرنٽ لڳڻ سبب 4 مينهون مَريِ ويون جڏهن ته نينگر کي وڏي ڪوشش ڪري بچايو ويو، اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي روزگار جو وسيلو ختم ٿي ويو، هنن گهر ڪئي ته ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.