ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ راجپوت برادري ڪينالن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي، ان موقعي تي راڻا نديم راجپوت، رائو مستقيم، قاسم راجپوت ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ مان غير قانوني طور تڪراري ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش آهي، ڌرتي ڌڻي سراپا احتجاج هجڻ باوجود حڪمران تڪراري منصوبو رد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، هنن چيو ته سنڌو درياءُ اسان جو جياپو آهي، ڪنهن به صورت ۾ سنڌ دشمن ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين ۽ انهن خلاف سخت مزاحمت ڪنداسين، هنن گهر ڪئي ته فوري طور ڪئنالن جو منصوبو رد ڪيو وڃي.