ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊو آدم ۽ آسپاس حيسڪو جي غير اعلانيل ڊگهي هٿرادو لوڊ شيڊنگ سبب ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿيڻ سميت عوام سخت مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي ويو آھي، حيسڪو پاران شھر ۾ 14 کان 15 ڪلاڪ جڏهن ته ٻھراڙي جي علائقن ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ هٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي، هٿرادو لوڊ شيڊنگ خلاف ارشاد انصاري، عدنان راجپوت، فيصل ملڪ ۽ ٻين دانهيو ته هٿرادو لوڊ شيڊنگ سبب شھر ۾ 400 کان مٿي ڪپڙو ٺاهيندڙ آڏاڻا اڪثر بند رهڻ لڳا آهن جنهن سبب ان صنعت جو ڪاروهنوار سخت متاثر ٿي رهيو آھي، جنهن جو اثر پورهيت طبقي تي پوي پيو، آڏاڻا نه هلڻ سبب ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ هزارين پورهيت بيروزگار بڻيل آھن ۽ مزدوري نه ملڻ سبب انهن جي گهرن ۾ ٻه ويلا ماني به مشڪل بڻجي وئي آھي، هنن چيو ته بجلي جي روزانو ڊگهي لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن سبب ڪاروبار ٺپ پئجي ويو آھي روزگار نه هجڻ سبب پورهيت طبقو تمام گهڻين تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آھي. ڳوٺاڻن موجب ڳوٺن ۾ 24 ڪلاڪن مان 4 کان 6 ڪلاڪ مشڪل سان بجلي ڏني وڃي ٿي،هنن چيو ته هڪ طرف هٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي ٻئي طرف ڳرا بل موڪليا ٿا وڃن، هنن گهر ڪئي ته هٿرادو لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي وڃي.