ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊو آدم ڀرسان ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، نينگر فوت، هڪ ڄڻو زخمي، ٽرڪ ڊرائيور گرفتار، رپورٽ موجب ميرپورخاص روڊ تي فوجي موڙ وٽ تيز رفتار ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ دڙو ساند واسي 9 ورهين جو نينگر حفيظ الله ساند ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس مائٽ 15 ورهين جو وقار ساند سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس پهچي نينگر جو لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان زخمي نينگر کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته ضروري ڪاروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، پوليس ٽرڪ ڊرائيور اقبال سنديلو کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.