ٽنڊوآدم(رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊوآدم ويجهو گهر کي باهه، کٽ سان ٻڌل ذهني مريض نوجوان سڙي فوت، الهه تلهه رک، رپورٽ موجب ڳوٺ غلام حسين شاهاڻي ۾ طلعت حسين جي گهر کي باھه لڳي وئي، جنهن سبب کٽ سان ٻڌل نوجوان 23 ورهين جو طلعت حسين شاهاڻي سڙي فوت ٿي ويو، جڏهن ته گهر ۾ پيل هنڌ، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان به رک ٿي ويو، اطلاع باوجود فائربرگيڊ دير سان پهتي، جنهن سبب گهر سڙي ويو، وارثن موجب سڙي فوت ٿيل نوجوان طلعت حسين شاهاڻي جو دماغي تواز درست نه هو، جيڪو گهر اندر کٽ سان ٻڌل هو، باهه لڳڻ سوران نڪري نه سگهيو ۽ سڙي فوت ٿي ويو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھه تي ضابطو آندو.