ٽنڊو آدم(ن پ ا) ٽنڊو آدم ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ فقير محمد ٿهيم مان ڪجهه ڏينهن اڳ گم ٿي ويل 35 ورهين جي بابو عرف صاحبڏنو پٽ محمد لائق ٿهيم جو لاش ندرا شاخ مان نڪرندڙ احمد خان واٽر ڪورس جي ڀر ۾ پاڻي جي کڏ مان تشدد ٿيل حالت ۾ هٿ آيو، واقعي جو ڪيس مقتول نوجوان جي امڙ مسمات عنايت خاتون ٿهيم جي فرياد تي 4 جوابدارن صدام ٿهيم، وقار ٿهيم، آصف ٿهيم ۽ شاهجهان ٿهيم خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو، جنهن ۾ فريادڻ موقف اختيار ڪيو آھي ته منهنجو پٽ ڄاڻايل جوابدارن سان گڏ گهمندو ڦرندو هو، ڪجھ ڏينهن اڳ جوابدارن موبائيل فون تي پٽ سان منهن ماري ڪندي کين گٿا لفظ ڳالهايا،ان منهن ماري واري واقعي بعد پٽ ڪجھه ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد اوچتو گم ٿي ويو، جنهن جو تشدد ٿيل لاش پاڻي سان ڀريل کڏ مان هٿ آيو، بيواھ مسمات عنايت خاتون ٿهيم دانهيندي چيو ته پٽ کي دوکي سان گهرائي تشدد ڪرڻ بعد قتل ڪري لاش کي کڏ ۾ اڇلايو، مقتول منهنجو موڀي پٽ هو اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي  ظالمن مون کان پيرسني ۾ جوان پٽ جو سهارو کسي ورتو، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آھي جوابدار گهر ڇڏي فرار ٿي ويا آھن، سندن گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪريون پيا، جلد گرفتار ڪري متاثر ڌر کي انصاف ڏياريو ويندو، مقتول نوجوان شادي شدھه هو ۽ کيس ڪو به اولاد نه هو.