ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊو آدم ويجهو پرڻيل عورت ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽرياڻي نه پهتي، 4 ڪلاڪ لاش پيل رهيو، وارثن جو احتجاج، رپورٽ موجب ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ خدا بخش مري ۾ پرڻيل عورت 20 سالا ڏيوي زال هيرو ڪولهي گهر اندر ڦاهوکائي آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن عورت جي لاش کي تعلقي اسپتال ٽنڊو آدم آندو، جتي ڊاڪٽرياڻي نه پهچڻ سبب 4 ڪلاڪن تائين لاش اسپتال ۾ پيل رهيو، وارثن موجب اسان سڀ زمين تي ويل هئاسين ته ڏيوي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، گهر ۾ ڪو به جهيڙو ناهي ٿيو، خبرناهي ڇو هن انتهائي قدم کنيو، ٻئي طرف ڊاڪٽرياڻي نه پهچڻ تي وارثن لاش رکي پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته اسپتال عملي کي منٿون ڪيون پر 4 ڪلاڪ گذري ويا ڪير به آيو، بعد ۾ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.