ٽنڊي آدم ويجهو زمين مالڪي تان پوليس چڙهائي، 10 دڪان، واڙو ۽ گهر پٽ، 8 ڄڻا گرفتار

0
32
ٽنڊي آدم ويجهو زمين مالڪي تان پوليس چڙهائي، 10 دڪان، واڙو ۽ گهر پٽ، 8 ڄڻا گرفتار
ٽنڊي آدم ويجهو زمين مالڪي تان پوليس چڙهائي، 10 دڪان، واڙو ۽ گهر پٽ، 8 ڄڻا گرفتار

ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم ويجهو زمين جي مالڪي تان پوليس چڙهائي، پنهور برادري جا 10 دڪان، واڙو، 2 گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، 6 جانور گم، متاثر ڌر جي 9 ڄڻن تي ڦر جو ڪيس داخل، 8 ڄڻا گرفتار، احتجاجي مظاهرو، مخالفن الزام رد ڪري ڇڏيا، رپورٽ موجب زمين جي مالڪي تان پناهه شاهه ناڪا موري ڀرسان ٻيراڻي پوليس ڳري مشينري سان ڪارروائي ڪري پنهور برادري جي زميندار غلام رضا پنهور جا 10 دڪان، مال جو واڙو ۽ 2 ڀيل هارين جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، جنهن سبب دڪانن ۾ پيل سامان ۽ گارڊ ٽيئر به ٽٽي پيا، جڏهن ته پنهور برادري جي 9 ماڻهن خلاف ٻيراڻي ٿاڻي تي ڦر جو ڪيس داخل ڪري 8 ڄڻن غلام رضا، پيارو، راحيل، عامر، رزاق، قيوم، امجد ۽ خالد کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، واقعي خلاف پنهور برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي غلام قادر پنهور، عرفان پنهور، نظير پنهور ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته بااثر زميندار اميرساند، قيوم ساند، ڊاڪٽر پرويز ۽ ٻين اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي، ٻيراڻي پوليس سميت ٻين ضلعن جي ٿاڻن جون 25 پوليس موبائيلن چڙهائي ڪري ڳري مشينري سان اسان جا 10 دڪان، 2 واڙا، 2 هارين جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا، اسان کي انصاف ڏنو وڃي، ٻئي طرف الزام هيٺ آيل زميندار امير ساند، ذوالفقار ساند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  ته پنهور برادري جا ماڻهو غلط الزام هڻن ٿا، ڄاڻايل هڪ ايڪڙ 16 گهنٽا زمين  سال 2018ع ۾ پنهور ڌر اسان کي وڪرو ڪري ڏني هئي، جنهن جي رجسٽري به موجود آهي پر انهن وري اتي دڪان ٺهرائي ڇڏيا، جتي چاهين فيصلو ڪرائي سگهن ٿا.