ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ويجهو ڳوٺ سچيڏنو ورياھ ۾ قائم تيل ۽ گئس فيلڊ انتظاميا طرفان مقامي ماڻھن کي روزگار نه ڏيڻ، رائلٽي جي رقم علائقي جي ترقياتي ڪمن ۾ خرچ نه ڪرڻ خلاف عوامي ايڪشن ڪاميٽي پاران حاجي محمد صالح ورياھ، ڪامريڊ سرور ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تيل ڪامپني جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سانگهڙ ضلعو قدرتي ذخيرن سان مالا مال هجڻ باوجود کنڊر بڻيل آھي، علائقي ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نٿا ڪرايا وڃن، علائقي ۾ جر جو پاڻي زهريلو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار آھي، ڳوٺاڻا زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب ڪينسر، ساھ، چمڙي سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، هنن چيو ته تيل ڪمپني ۾ مقامي نوجوانن لاءِ روزگار جا دربند ڪري ٻين صوبن جي ماڻھن کي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي مطالبا منظور ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.