ٽنڊو آدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊي آدم ويجهو روهڙي ڪئنال کي 2 ڏينهن اڳ لڳل 100 فوٽ گهارو  بند نه ٿيو، 7 ڳوٺ ۽ 2 روڊ پاڻي هيٺ، 20 ڳوٺن مان لڏپلاڻ جو سلسلو جاري،  ٽريفڪ بند، ٽنڊو آدم شھر کي خطرو، آبپاشي وزير  ۽ رينجرز ڪمانڊر پهچي ويا، رپورٽ موجب ڳوٺ عالم ڏيرو وٽان روهڙي ڪئنال کي 2 ڏينهن اڳ لڳل 100 فوٽ گهارو اڃا تائين بند ٿي ناهي سگهيو، سانگهڙ مان گهرايل ملاح برادري جا ٽوٻا ۽ ڳوٺاڻا گهاري کي ڪاٺ جو ڄار لڳائي بند ڪرڻ ۾ رڌل آھن پر پاڻي جي تيز وهڪري سبب گهاري کي بند ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آھن، گهارو 7 ڳوٺن عالم ڏيرو، مٺن ڏيرو، ڪريم ڏنو چنا، الهڏنو چنا، جڙيو ڏيرو، مٺو کوسو ۽ مريد راڄڙ کي ٻوڙي ڇڏيو آھي، جڏهن ته 2 روڊن  ٽنڊو آدم ڀٽ شاھ روڊ ۽ شھدادپور اڏيرو لال وايا ملا مکڻ روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ٻنهي روڊن کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آھي، گهاري جو پاڻي ڳوٺ مجيد ڏيرو، ڪرڙ کوسو، مٺو کوسو، لاشاري ڳوٺ، حمزو ملوکاڻي، ملا مکڻ، سميت 10 ڳوٺن ڏانهن وڌي رهيو آھي، گهاري کي جلد بند نه ڪيو ويو ته پاڻي ٽنڊي آدم ڀرسان گندي پاڻي سان ڀريل هنجورڻ ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو، جتان اوور ٽاپ ٿي شھر جي سيد سٽي، چانهيا پاڙو، جمن شاھ، ٽھل آباد، مبارڪ ڪالوني ۽ ٻين علائقن کي ٻوڙي سگهي ٿو، آبپاشي کاتي جو صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو رات دير سان گهاري واري هنڌ پهچي ڪم جو معائنو ڪيو، ان موقعي صوبائي  وزير کي ٿيل نقصان ۽ انتظاميا جي سهڪار جي حوالي سان تفصيل سان آگاھ  ڪيو ويو، صوبائي وزير چيو ته گهاري سبب جن ماڻھن جي فصلن ۽ گهرن جو نقصان ٿيو آھي ان جي سروي ڪرائي انهن جو ازالو ڪنداسين، هوڏانهن رينجرز جي سدرن ڪمانڊر امين الحق گهاري واري هنڌ پهچي گهارو بند ڪرڻ واري ڪم جو معائنو ڪيو، ٻئي طرف متاثرن جو انگ وڌي وڃڻ بعد پبلڪ اسڪول بعد ڳوٺ شير محمد ڏيرو جي پرائمري اسڪول ۾ رليف ڪيمپ قائم ڪئي وئي آھي، رليف ڪيمپن ۾ 350 متاثرن کي کاڌي سميت ٻيون سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن.