ٽنڊوڄام(رپورٽ: اظهر علي لوچي) ٽنڊي ڄام جي پاڪستاني چوڪ واري علائقي ۾ جوابدار راشد عرف راشي ميمڻ پنھنجي سڳي سئوٽ علي رضا ميمڻ کي ڪارنهن الزام هيٺ چاقن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جنھن بعد ھو موقعي تان فرار ٿي ويو، مقامي ماڻھن ۽ وارثن مقتول  جو مڙھ ٽنڊي ڄام اسپتال منتقل ڪيو، جتي سهولت نه هجڻ تي لاش سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، مقتول مڙھه آخري اطلاعن تائين اسپتال ۾ موجود ھو، ٻئي طرف ٽنڊوڄام پوليس ٽنڊي محمد خان ۾ ڇاپو ھڻي جوابدار راشد عرف راشي ميمڻ کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي، واقعي جو ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو.