حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 8 احسان علي انصاري جو ٽنڊو ڄام ٿاڻي تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل زرعي يونيورسٽي جو ملازم بازياب، ايس ايڇ او کي رڪارڊ سميت اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم. رپورٽ موجب ايس ايڇ او ٽنڊو ڄام پاران بيڪري تان بسڪوٽ خريد ڪري گهر ويندڙ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي پٽيوالي فدا حسين ولد محمد يعقوب درس کي موٽرسائيڪل تي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. وارثن پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٽنڊو ڄام لياقت سرڪي آزادي لاءِ 5 لک رپيا طلب ڪيا جنهن تي باندي بڻايل فدا درس جي سئوٽ وسيم درس ولد عبدالجليل درس جيڪو ٽنڊو الهيار جو رهواسي آهي ان سيشن جج حيدرآباد وٽ درخواست داخل ڪري وڪيل تيمور بلوچ موقف اختيار ڪيو ته سندس سئوٽ کي ايس ايڇ او ٽنڊو ڄام لياقت سرڪي ناحق باندي بڻائي سندس آزادي لاءِ 5 لک رپيا رشوت طلب ڪري رهيو آهي جنهن تي سيشن جج حيدرآباد جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 8 احسان علي انصاري کي ريڊ ڪمشنر مقرر ڪيو جنهن ٽنڊو ڄام ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ٿاڻي ۾ واقع ڪوارٽر مان نوجوان کي بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ايس ايڇ او ٽنڊو ڄام لياقت سرڪي کي رڪارڊ سميت اڄ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.