حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت ميرپورخاص روڊ تي قائم ٽنڊو ڄام ٽول ۽ ڪانٽي تي ڌرڻي دوران روڊ بند ڪرڻ ڪيس جو محفوظ ٿيل فيصلو جاري ڪندي 24 جوابدار باعزت بري ڪري ڇڏيا آھن ٽرڪ ٽرانسپورٽ جي 24 جوابدارن بابت فورٿ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ صدام حسين نوھڙي جي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي ڪيس مان بري ٿيلن ۾ ٽرڪ ٽرانسپورٽ يونين جو صدر محراب کوسو، جلال ھان مري، اڪبر پٽاڻ، حاجي شريف بگٽي، رحمت الله پٺاڻ ۽ ٻين سميت لڳ ڀڳ 24 جوابدار شامل آهن.  واضح رھي ته ٽنڊو ڄام ٽول ٽيڪس ڀرسان قائم ڪانٽي پاران 500 رپيا وصول ڪيا ويندا ھئا جنھن بعد 1000 رپيا وٺندا ھئا اوچتو 5 ھزار رپيا وڌايو ويو، اوچتو 5 ھزار وڌائڻ تي ضلعي انتظاميه ۽ ڪمشنر حيدرآباد کي شڪايتي درخواستون ڏنيون پر عمل نه ٿيڻ تي احتجاج جو سڏ ڏنو، سموري سنڌ مان ٽرانسپورٽرن ٽنڊوڄام ٽول پھتا روڊ جي سائيڊ ۾ احتجاج ڪرڻ تي پوليس رات جي وقت ٽرانسپورٽرن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ٽرڪ ٽرانسپورٽرن کي لٽيون سريئن، پترن، شلينگ ۽ ھوائي فائرنگ ڪئي جنھن بعد الڳ آلڳ ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون هيون.