ٽنڊوڄام (ن پ ا) ٽنڊوڄام ويجهو ٽائون ڪميٽي ٽنڊو فضل جي يونين ڪميٽي 76 جي ڳوٺ قائم ٻٻر ۾ رولو ڪتن جو محمد اسماعيل ڏهوٽ جي ٻڪرين جي واڙي تي ڪاھ ڪري 6 ٻڪرين کي چيري ڦاڙي مارڻ خلاف ڳوٺاڻن مظاهرو ڪيو، ٻڪرين جي مالڪ محمد اسماعيل ڏهوٽ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي دانهيندي هنن چيو ته رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، رولو ڪتن منهنجون 6 ٻڪريون کائي ماري ڇڏيون آهن، ٻارن جون حياتيون خطري ۾ آهن، هنن چيو ته ڪيترائي ماڻهو رولو ڪتن جو شڪار ٿيا آهن، هن چيو ته رولو ڪتن جي خوف سبب معصوم ٻار اسڪول وڃڻ گهرن کان نڪري نٿا سگهن ماڻهو نماز لاءِ مسجد ۾ نٿو وڃي سگهي،هن پ پ جي ايم پي اي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ،ايم اين اي سيد طارق شاه ڄاموٽ، ضلع حيدراباد جي مئير ڪاشف شورو، ڊي سي حيدرآباد ، ٽائون ڪميٽي ٽنڊو فضل ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته يوسي 76 مولان مان رولو ڪتن جو آزار ختم ڪرائي ڪتا مار مهم شروع ڪري معصوم ٻارڙن جون زندگيون بچايون وڃن.