ٽنڊوڄام (ن پ ا) صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ راول شرجيل ميمڻ جي ھدايتن تي ٽنڊوڄام شھر جي مختلف علائقن مان صفائي سان گڏو گڏ ڪچرو کڻائڻ ۽ نڪاسي واري کڏ جي کاٽي کڻائڻ وارو ڪم جاري آھي، اوڌ ڪالوني جي نڪاسي واري کڏ جي کاٽي ڪرائي وئي، جڏھن ته سائينداد ڪليري ڳوٺ ويندڙ رستي تي پيل ڪچري جي ڍير کي پڻ کڻائي علائقي کي صاف ڪرايو ويو آھي، ان موقعي تي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ٽنڊوڄام جي چيئرمين بدر احمد ميمڻ ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي بدر احمد ميمڻ چيو تھ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ نوجوان اڳواڻ  راول شرجيل ميمڻ جي ھدايتن جي شھر جي مختلف علائقن ۽ پاڙن ۾ صفائي جو ڪم تيزي سان جاري آھي، ڪجھھ ڏينھن اڳ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تان نياڻين جي ڪاليج سامھون پيل ڪچري جا ڍير کڻايا ويا آھن جڏھن تھ مير پاڙو، ريلوي ڦاٽڪ ۽ ھن وقت اوڏ ڪالوني جيڪي وڏي آبادي وارا علائقا آھن انھن جي صفائي ڪرائي سمورو ڪچرو کڻايو پيو وڃي جڏھن تھ ايندڙ امڪاني برساتن کان اڳ شھر جي نڪاسي واري کڏن ۽ نالن جي کاٽي پڻ ڪرائي پئي وڃي جھن لاءِ ھيوري مشنري کي استعمال ڪيو ويو آھي تھ جئين ايندڙ برساتن ۾ علائقي واري ڏکائن کان بچي سگھن ۽ سمورو پاڻي آساني سان نيڪال ٿي سگھي، ان موقعي تي بدر احمد ميمڻ اوڏ ڪالوني ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي اسير شمس الدين چانڊيو جي رھاشگاھھ تي پھتو جتي کين آجياڻو ڏنو ويو ۽ کين اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا، اوڏ ڪالوني جي رھائشين صفائي ۽ کاٽي واري ڪم تي سندن ۽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي يو سي چيئرمين سيد حيدر شاھھ، اڳوڻو سٽي ناظم راو اصغر راجپوت، سينيٽيشن انچارج غلام شبير چانڊيو، ڪائونسلر شريفان بي بي، غلام سرور سيال، ڪائونسلر سنيل ڪمار، سينيئر صحافي غلام مرتضيٰ چانڊيو، فيصل جليل ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.