ٽنڊوڄام (ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي گرائونڊ تي انڊس يوٿ ويلفيئر آرگنائيزيشن جي ميزباني ھيٺ ٽنڊوڄام جي مختلف اسڪولن پاران هڪ ڏينهن وارو انڊس اسپورٽس گالا ٿيو، جنھن ۾ ٽنڊوڄام جي پندرھن اسڪولن حصو ورتو، اسڪولي ٻارڙن پاران مختلف راندين ۾ حصو ورتو، مختلف راندين ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين ۾ ٽرافيون، شيلڊ ۽ ميڊل ورھايا ويا، ان موقعي تي  ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزادي، ڊاڪٽر رضا محمد چانڊيو، لياقت جمالي، ڊاڪٽر موالابخش ڪنڀر، عبدالله ويسر، عظمت ابڙي پاران ٻارڙن ۾ انعام ورھايا ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ ڪلهه جا نوجوان راندين طرف گهٽ پيا اچن، ھن قسم جي صحتمند سرگرمين ذريعي اسپتالون ويران ٿي وينديون آھن، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پاران راندين جي طرف ڌيان گهٽ آهي، سنڌ حڪومت جو راندين وارو کاتو سرڪاري سطح تي سڄي سنڌ ۾ رانديون ڪرائي، اڄ ڪلهه گورنمينٽ اسڪولن ۾ غير نصابي سرگرميون خاص طور تي رانديون تمام گهٽ ٿئي رهيون آهن ۽ راندين جي طرف اڄ ڪلهه پرائيويٽ اسڪول ۽ سماجي تنظيون پنهنجي خرچي تي اسپورٽس جا پروگرام ڪرائي رهي آهي، ان حوالي سان مخلتف راندين ۾ پوزيشن ماڻيندڙن اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين چيو ته اسان جي اسڪول جي محنتن سان اسان راندين ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي، جنھن سان تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي، هوڏانهن پهرين، ٻين ۽ ٽئين پوزيشن ماڻيندڙن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انعام ۽ شيلڊون به ڏنيون ويون.