ٽنڊوڄام (ن پ ا) ٽنڊوڄام ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ۾ علائقن ۾ گيسٽرو وڌڻ لڳو آهي. گذريل ڏينهن ڳوٺ اسماعيل انڙ واسي عطا محمد انڙ جو چئين سالن پٽ محمد قاسم انڙ گيسٽرو  سبب رورل هيلٿ سينٽر تي فوت ٿي ويو ۽ اتي داخل مريضن دوائن جيي کوٽ جون دانهون ڪيون ته صحافين جي ٽيم ڪوريج لاءِ پهتي. ٽائيم نيوز جي رپورٽر پاران گيسٽرو جي مريضن ۽ دوائن جي کوٽ بابت ڪوريج ڪرڻ تي اسپتال جي ڪلرڪ پاران ڪيمرا کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسپتال مان ٽائيم نيوز جي ٽيم ٻاهر نه نڪرڻ جي صورت ۾ او پي ڊي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني بعد م او پي ڊي بند ڪرڻ ۽ دوائن جي کوٽ توڙي گيسٽرو جي مريضن ۾ واڌ واري خبر نشر ٿيڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد نوٺيس ورتو، ڊي ايڇ او حيدرآباد به تصديق ڪئي تي کيس ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي ٽنڊو ڄام پهتو آهيان.