ٽنڊو مير علي (ن پ ا) ٽنڊو مير علي ڀرسان ڳوٺ چنگل خان ملڪ واسي 2 پورهيت اغوا، ڌاڙيلن جو وارثن کي فون، لکين رپيا ڀنگ طلب، مغوين جي گهرن ۾روڄ راڙو متل، خبر موجب سکر  جي نجي آئل مل ۾ مزدوري ڪرڻ لا ويندي اغوا ٿيل وحيد علي ملڪ ۽ راشد علي ملڪ کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا جن کي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب ناهي ڪرايو ويو، مغوين جي وارث نواز علي ملڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻئي ڄڻا مل تي مزدوري ڪرڻ لا ويل هئا جن جو ٽن ڏينهن نمبر بند هجڻ ڪري پڇا ڪرڻ تي ڪا خبر نه پئجي سگهي، جنهن کان پوءِ ڌاڙيلن چوٿين ڏينهن تي تشدد جو وڊيو موڪلي لکين روپيا ڀنگ طلب ڪيو، هنن چيو ته نوجوانن جي امڙين کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، وارثن جو چوڻ آهي ته اسين غريب آهيون ايترا پئسا نه ٿا ڀري سگهون، نوٽيس وٺي نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي.