ٽنڊو محمد خان(رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان ۾ ريڊ سنڌي ڪيٽل فارم ۾ هارين جي زرعي زمين تي غيرقانوني قبضن ، هارپي جو حق نه ملڻ تي ڳوٺاڻن ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. خبر موجب ٽنڊو محمد خان جي ريڊ سنڌي ڪيٽل فارم ۾ هارين کي ڏنل هارپي لاءِ زرعي زمينن تي غيرقانوني بااثر ماڻهن جي ڪيل قبضن ، هارين کي هارپي جو حق نه ڏيڻ تي فارم جي سپرنٽنڊنٽ خلاف جمعيت العلما اسلام ۽ ڳوٺاڻن احتجاجي جلوس ڪڍي ريڊ سنڌي ڪيٽل فارم بلڙي شاھ ڪريم لنڪ روڊ تان پيادل مارچ ڪري ريڊ سنڌي ڪيٽل فارم جي مين گيٽ آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ، احتجاج ۾ شامل جمعيت العلما اسلام جي ضلعي امير مولانا محمد ابراهيم سومرو ، سول سوسائٽي جي پير احمد سعيد جان سرهندي ، سنڌ آبادگار اتحاد جي پير اشفاق جان سرهندي ، مولانا باسط نظاماڻي ، مولانا جمال الدين ، گل حسن رند ، عبدالرحمان زئور ۽ ٻين چيو ته ريڊ سنڌي ڪيٽل فارم ۾ هارين کي ڏنل زرعي زمين تي غيرقانوني ڪيل قبضن ۽ هارين کي هارپي جو حق نه ملڻ مقامي هارين سان ناانصافي آهي ، هارين کان روزگار جو حق کسي سندن معاشي قتل ڪيو وڃي پيو ، جنهن سان هاري پنهنجي هارپي واري روزگار کان محروم ٿي بيروزگاري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ، فارم جي سپريڊنٽ مظفر ميمڻ قانون جي خلاف ورزي جو پاڻ ذميوار آهي جنهن جي ڪري بااثر ماڻهن ۾ هارين جي زمين غيرقانوني طور ورڇ ڪري ڇڏي آهي ، هارين کي پنهنجي ابائي علائقن مان گهر گهاٽ خالي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي پيو جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ، هارين کي پنهنجا حق نه ڏنا ويا ته ٽنڊو محمد خان ۾ سياسي سماجي مذهبي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي طرفان گڏيل طور هارين کي حق ڏيارڻ لاءِ مرحليوار احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي .