ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي قافلي سان گڏ ٽنڊو محمد خان جي حيدرآباد بدين روڊ پ پ پاران لڳايل استقباليه ڪئمپ تي پهچي گاڏي مان ڪارڪنن جي نعرن جا هٿ لوڏي جواب ڏنا ، جڏهن ته پ پ پاران لڳايل استقباليه ڪئمپ تي بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اتي اٽو سستو ڪرڻ جا نعرا لڳڻ ۽ استقباليه ڪئمپ جو مائيڪ خراب ٿيڻ جي ڪري پ پ چيئرمين خطاب نه ڪري سگهيو ۽ هُو حيدرآباد ڏانهن روانو ٿي ويو ، جڏهن ته استقباليه ڪئمپ تي اڳوڻو وفاقي وزير سيد نويد قمر ، اڳوڻو ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاھ بخاري ، اڳوڻو ايم پي اي عبدالڪريم سومرو ۽ ٻيا موجود هئا .