ٽنڊو محمد خان (رپورٽر )ٽنڊو محمد خان جي سچل آباد ڪالوني جي رهواسي 18 سالا نوجوان ضمير رند پنهنجي گهر اندر ناراضگي کانپوءِ پريشان ٿي اچي ڦليلي واھ جي دروازن واري پل تي پاڻي ۾ ٽپو ڏئي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو ، آپگهات ڪندڙ نوجوان جي لاش جي رات دير تائين ڳولا ڪرڻ باوجود لاش پاڻي مان ملي نه سگهيو ، رات دير تائين ڦليلي ڪئنال مان ٽوٻن لاش کي ڳولڻ جي ڪوشش جاري رکي .