ٽنڊو محمد خان (نمائندن وٽان) ٽنڊو محمد خان ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ 28 ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبرن، ميونسپل ڪاميٽي جي 19 ڪائونسلرن، ٽائون بلڙي شاھ ڪريم جي 2 ڪائونسلرن، ٽنڊو غلام حيدر جي 7 ڪائونسلرن، 28 يوسي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ 112 جنرل ڪائونسلرن سميت ٽوٽل 196 چونڊيل نمائندن کان ڊي سي ڪامپليڪس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي، اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو محمد خان آفتاب بوزدار، اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو غلام حيدر سڪندر مهيري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر بلڙي شاھ ڪريم غلام سرور ڀنڀرو حلف کڻايو ، حلف برداري واري تقريب ۾ ايم پي اي سيد اعجاز شاھ بخاري، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد حسن ۽ ٻيا پڻ موجود هئا .