ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي شڪايتن لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو محمد خان جي آفيس گرائونڊ آڏو منعقد ڪيل کلي ڪچهري ۾ علائقي جي سول سوسائٽي، سياسي سماجي تنظيمن، شهري حلقن، واپاري تنظيمن شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا، ڊپٽي ڪمشنر شاهزيب شيخ کلي ڪچهري کي مخاطب ٿيندي چيو ته علائقي جي عوام پنهنجي شهري حلقي جي ڀرپور نمائندگي ڪئي آهي، جنهن ۾ روڊن رستن جي زبون حالت ، پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ ، تعليم صحت جي سڌاري سان گڏ علائقي ۾ گٽرن جو اٿلي پوڻ  سميت پنهنجي پنهنجي علائقن جا مسئلا اجاڳر ڪيا ويا. روڊن رستن جي زبون حالت ، پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ ، تعليم صحت جي سڌاري سان گڏ علائقي ۾ گٽرن جو اٿلي پوڻ، گندگي جي آزار ۽ ٻين عوامي شڪايتن جو فوري طور ازالو ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.