ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ: امتياز مڱريو ) ٽنڊو محمد خان جي حيدرآباد بدين روڊ تي قائم نجي اسپتال ۾ ٽن ڏينهن کان داخل ڳورهاري عورت سيما سومرو سان ڊسپينسر پاران کيس بيهوشي جون انجيڪشنون لڳائي ساڻس مبينا طور تي زيادتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. متاثر عورت سيما سومرو جو چوڻ هو ته بيهوشي جون انجيڪشنون هڻي مون سان زيادتي ڪئي وئي آهي، انصاف ڏياريو وڃي، عبدالرحمان سومرو جو چوڻ هو ته ڀيڻ کي اسپتال عملي نشي واريون انجيڪشنون هڻي بي هوش ڪري ساڻس ڏاڍائي ڪئي آهي، ظلم ٿيو آهي، ٻي پاسي نجي اسپتال انتظاميه موجب اسپتال جي سڀني وارڊن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون نصب ٿيل آهن، اهڙي ڪا به نشاني ظاهر ناهي ٿي. ٻئي طرف ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان غلام نبي ڪيريو مامري جو نوٽيس وٺندي خانگي اسپتال پهچي انتظاميه کان واقعي بابت تفصيل ورتا. پوليس عورت سان زيادتي ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدار حماد کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل عورت سيمان سومرو کان بيان وٺڻ لاءِ پوليس پارٽي حيدرآباد رواني ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي نجي اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر اقبال ميمڻ موجب واقعي جي شفاف جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڊاڪٽر فيروز ميمڻ جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪاميٽي ۾ مشتاق قريشي، ڪنٽرولر نواز ڀٽو، ڊاڪٽر چمن لا ل ۽ ٻيا ڊاڪٽر شامل آهن، جيڪي واقعي بابت جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندا.