ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ امتياز مڱريو ) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي پاران 3 ڊسمبر تي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ اعلانيل ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ واري جي اعلان جي شهري اتحاد، ادبي سنگت ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن حمايت ڪئي آهي.سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ اعظم ڀٽي چيو ته علي قاضي پاران هر سال جيان ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ واري فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا. اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي حوالي سان ايڪتا مشاعرو ، ريليون ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. شهري اتحاد جي صدر نور حسن کوکر چيو ته 3 ڊسمبر تي علي قاضي پاران اعلانيل نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ تياريون شروع ڪيون آهن، جاڳرتا ايڪتا ريلي ڪڍي ويندي، 3 ڊسمبر تائين تقريبون ۽ مچ ڪچهريون منعقد ڪري پنهنجي ايڪتا سان محبت جو اظهار ڪيو ويندو، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر جي ايم گل چيو ته 3 ڊسمبر تي اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ هندو پنچائت پاران الڳ ريلي ڪڍي ويندي ۽ تقريب منعقد ڪري پنهنجي ڌرتي سنڌ ماتا سان پنهنجي خلوص محبت جو اظهار ڪيو ويندو، سورمي سٿ ٽنڊو محمد خان جي چيف آرگنائيزر شاعر نثار ناز جو چوڻ هو ته علي قاضي ايڪتا ڏهاڙي کي نئين سنڌ اڏڻ لاءِ سلوگن ڏنو آهي، شاعر ساحل اياز، سماجي اڳواڻ عبدالحفيظ سٺيو چيو ته ايڪتا ڏهاڙو ننڍا، وڏا، پوڙها پڪا، سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪون ڪلهن ۾ وجهي ايڪتا ڏهاڙي کي عيد جيان ملهائيندا. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ محمد جمن ملاح چيو ته ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان مچ ڪچهري منعقد ڪئي ويندي.پ ٽ الف سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو چيو ته استاد برادري هن سال به ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ ۾ اڳتي هوندي ، ريليون ۽ اسڪولن ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن .