ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان ايڪتا رنگن سان رنگجي ويو آهي انهي سلسلي ۾ شهر جي نوجوانن پاران نوناري ڳوٺ کان سنڌي پٽڪن، اجرڪن، ٽوپين سان تيار ٿي شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ريلي ۾ شريڪ نوجوانن تي گلن جي ورکا ڪئي وئي، ريلي  شهر جي مختلف علائقن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي ريلي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي، ان موقعي تي نوجوانن پاران جيئي سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن، سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن سميت قومي گيتن تي جهمريون پاتيون ويون، جڏهن ته شهر جي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري فوجي شوگر مل اسڪول جي آڊيٽوريم هال ۾ ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، هال کي مڪمل سنڌي رلين، اجرڪن سان سنواريو ويو،  تقريب کي ڊپٽي ڊي او نور احمد جماري، هيڊماستر قاضي محبوب ميمڻ، ايف اي امجد بهراڻي، وزير وساڻ، شفيع محمد ڪيريو، شهروز بهراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي ايڪتا قومي ڏهاڙي کي عيد ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو، اسڪول جي شاگردن پاران گهوٽ ڪنوار جي علامتي شادي ڪرائڻ واري رسم ڪرائي وئي ۽ اسٽيج ڊراما خاڪا  پيش ڪيا، شاگردن پاران قومي گيتن تي جهمريون پاتيون ويون، ٽنڊو محمد خان جي سنڌو درياهه جي ڪناري تي سول سوسائٽي، شهري حلقن، فنڪارن، اديبن طرفان گڏيل طور صدارتي ايوارڊ يافته الغوزينواز ارباب کوسو، سول سوسائٽي جهرڪ جي اڳواڻ شير جماري، ترقي پسند اڳواڻ محمد بچل سٺيو، سرور جماري، عبدالقيوم، عبدالغفور خاصخيلي، عاشق علي کوسو، محمد ايوب جماري، سينئر صحافي غلام نبي ڪيريو، بلڙي جي صحافي عرفان سنڌي، سرور جماري، صحافي خان عباسي، ساحل اياز، مصطفى مڱڻهار، غلام علي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڪتا تقريب منعقد ڪري ريلي ڪڍي وئي، درياهه جي ڪناري تي گلن جي ورکا ڪئي وئي.