ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر )  ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم  ورڪر روشن ٺاڪر کي گرفتار ڪرڻ خلاف جسقم آريسر ۽ قومپرست ڪارڪنن احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڦليلي روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ، احتجاج ۾ مردن سان گڏ عورتن جو وڏو انگ شامل هو. جسقم اڳواڻ شاھ فهد ڀٽي، سڪندر سنڌي ، عورت اڳواڻ فرزانه، پاروتي ، مريم ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پوليس روشن ٺاڪر کي بنا ڪنهن جواز گرفتار ڪري تشدد ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي هاڻي سندس گرفتاري ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪيو وڃي پيو، جنهن جي ڪري اسان کي سندس حياتي جو خطرو آهي ، پوليس کيس بنا ڏوھ جي ڏوهاڙي بڻائي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪري سگهي ٿي ، جنهن جي ڪري انساني حقن جي تنظيمن ۽ نگران سرڪار کي فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي. جڏهن ته ايس ايڇ او بي سيڪشن زاهد شاھ سان رابطو ڪيو ويو ته هن روشن ٺاڪر جي گرفتاري کان لاعلمي ظاهر ڪري ڇڏي ۽ چيو ته روشن ٺاڪر کي گرفتار نه ڪيو آهي.