ٽنڊو غلام علي(رپورٽ: نزاڪت علي ڀٽي) علائقي جي مشهور شخصيت مرحوم آغا الهڏنو خان دراني جي ياد ۾ سندن پوٽن پاران آغا فارم لڳ ڪانهري روڊ ڀرسان ٽيپ بال تي نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ڪرائي وئي جنهن ۾ ميرپورخاص چمبڙ ماتلي ٽنڊوالهيار دمبالو ڊگهڙي سميت مختلف شهرن جي 32 ٽيمن حصو ورتو ٽورنامنٽ جي فائنل ۾ پهچندڙ مرحوم آغا الهڏنو خان دراني ڪرڪيٽ ڪلب ٽنڊوغلام علي ۽ سنڌو ڌيش ڪلب گهلپور ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ آغا ڪلب ٽاس کٽيندي مقرر 8 اوورن ۾ ٽن رانديگرن جي نقصان تي َ 144 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جوابي بيٽنگ ۾ سنڌو ڌيش ڪلب گهلپور جي ٽيم 6 اوورن ۾ 1 رانديگرن جي نقصان تي 145 رنسون ٺاهي فائينل ميچ کٽي ورتو فائينل ميچ جي مهمان خاص سي پي ايل سي انچارج آغا ھمايون ظفرالله خان دراني آغا شاھزيب خان دراني رئيس حاجي انور خان نظاماڻي ۽ ٻين فائنل ميچ کٽندڙ سنڌو ڌيش ڪلب جي ڪيئپٽن ساجد نظاماڻي کي ٽرافي ۽ 50 ھزار روپيا ڪيش انعام ڏنو جڏھن ته ھارائيندڙ ٽيم آغا ڪلب جي ڪيئپٽن حارث سانگي کي ٽرافي ۽ 30 ھزار روپيا ڪيش انعام ڏنو ويو انهي رائونڊ ۾ مين آف دي ميچ مختيار ڇڇر کي ڏنو ويو جنهن ٻن اوورن ۾ 5 ڇڪا ھڻي 46 رنسون ٺاھي تماشائين کان خوب داد حاصل ڪيو ھوڏانهن ٽورنامنٽ جي هلندڙ ميچ کي ڏسڻ لاء شهرين ۽ آسپاس جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آرگنائيزر ٽيم ۽ شهرين پاران ڪرڪيٽ گرائونڊ تي زبردست آتشبازي ڪري تماشائين خوب انجوائي ڪيو, انهي موقعي تي مهمان خاص آغا ھمايون ظفرالله خان دراني صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ نوجوانن لاء ڪرڪيٽ گرائونڊ نه ھئڻ ڪري منهنجو شهر جي وڇ ۾ آغا مارڪيٽ جي پويان 4 ايڪڙ ٻني آھي جنهن ۾ نوجوانن لاء ڪرڪيٽ گرائونڊ ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ھن وڌيڪ چيو ته انشاءُالله سال 2026 ۾ آغا ڪلب ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ لڳائڻ جو اعلان پڻ ڪيو ھن ٽورنامنٽ ۾ بهترين ڪمينٽري ڪري تماشائين ۽ آيل مهمانن کي کلائي کلائي کيرو ڪرڻ تي آغا طرفان ڪميٽر کي ۽ مڪمل ٽورنامنٽ لائيو ھلائڻ تي لالا ثناء پٺاڻ کي ڪيش انعام ۽ ٽرافي پڻ ڏني آخر ۾ آغا ڪلب جي آرگنائيزر ٽيم سعادت علي کوکر حارث سانگي پاران آيل مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ۽ بهترين ڪوريج ڏيڻ تي صحافين کي مڊل پارايا, آخر ۾ آرگنائيزر ٽيم پاران مهمان خاص آغا ھمايون دراني کي بوسڪي جو پٽڪو پارايو