ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ: نظام چانڊيو) ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ حاجي غازي باگراڻي مان ٽنڊو محمد خان پوليس پ پ اڳواڻ علي نواز باگراڻي کي گرفتار ڪري کڻي وئي. پوليس جي اھڙي ڪارروائي خلاف شھر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪري شھر جي مک چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو. حنيف باگراڻي، محمد نواز، عرفان علي، محمد جمن فقير باگراڻي جو چوڻ هو ته پوليس بنا جواز علي نواز باگراڻي کي گرفتار ڪيو آھي. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ ھو علي باگراڻي و منشيات جي ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث آھي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان جي خاص ٽيم ڪاروائي ڪري وڏي مقدار منشيات سميت کيس گرفتار ڪيو آھي.