ٽنڊوغلام حيدر(ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر جي نظرپور شهر جي رهواسين جو صفائي سٿرائي نه ھجڻ سميت بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف ريلي ڪڍي، يوسي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي عبدالمجيد غلام مصطفي ميمڻ سڪندر پارابي ۽ ٻين چيو ته گذريل وڏي عرصي کان شهر جي ميمڻ پاڙي سميت سمورن رهائشي آبادين ۾ گٽر نالن جي صفائي ناھي ڪئي وئي، گندو پاڻي گهرن ۾ بيٺل آهي، رهواسي پاڻ گترن جي صفائي ڪن پياصفائي عملو غائب آهي، گندو پاڻي هر هنڌ بيٺل هجڻ سبب بيماريون پکڙجڻ سان گڏ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، بيماريون پکڙجي ويون آهن، پيئڻ جي پاڻي سميت ڪا سهولت ميسر ناهي گٽر نالا ٽٽي تباھ ٿي ويا آهن، مٿان برسات جي موسم آهي گليون گهٽيون ٽٽي تباھه ٿي ويون آهن، هنن اپيل ڪندي چيو ته بنيادي سهولتون فراهم ڪري تڪليفن کان بچايو وڃي.