ٽنڊو رحيم خان(ن پ ا) ڇني روڊ بحالي لاءِ علائقي واسين پاران جهولي فنڊ قائم ڪيو ويو آهي، ٻوڏ دوران تباهه ٿيل ڇني جوهي روڊ 11 ڏينهن گذرڻ باوجود بحال نه ٿي سگهيو، ڪامريڊ وقار رانجهاڻي، مقبول رانجهاڻي ۽ قلندر بخش جي اڳواڻي ۾ شهر جي سياسي سماجي ڌرين پاران چندو گڏ ڪرڻ لاءِ جهولي فنڊ قائم ڪيو ويو آهي، علائقي واسين انتظاميه کان نااميد ٿي پنهنجي مدد پاڻ تحت چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، علائقي واسين ٻڌايو ته سرڪار روڊ جي بحالي لاءِ ڪا سهائتا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، روڊ بحال نه ٿيڻ سبب شهرن تائين پهچڻ لاءِ عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهيون، هنن چيو ته چندو ڪري ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت رستو جُزوي طور ننڍين گاڏين لاء بحال ڪرايون پيا، جيئن بيمار ۽ لاچار ماڻهن کي شهرن ۽ اسپتال تائين پهچائي سگهون.