ٽنڊو جان محمد(رپورٽ: عبدالخالق خاصخيلي) ٽنڊو جان محمد ۾ کاکڙ اسٽاپ تي ھڪ نامعلوم ڪار موٽرسائيڪل سوار ٽن نينگرن کي اوور ٽيڪ ڪندي ٽڪر ھنئي ته موٽرسائيڪل سوار  نينگر روڊ تي ڪري پيا ته سامھون کان ايندڙ تيز رفتار اي سي ڪوچ موٽر سائيڪل سوار نينگرن جي مٿان چڙھي وئي، جنھن سبب 12 سالن جو نينگر وسيم پٽ علي گوھر چانڊو، 15 سالن جو عليم پٽ حسنو چانڊيو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ 13 سالن جو اقبال پٽ انور چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو،  ٽيئي نينگر پاڻ ۾ ويجھا مائٽ آھن، فوتي نينگرن جي ميتن ۽ زخمي نينگر کي صحت مرڪز ٽنڊو جان محمد پھچايو ويو، ڊاڪٽرن پاران زخمي نينگر اقبال پٽ انور چانڊيو جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ تي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جيڪو رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو، روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جو تعداد ٽي ٿي ويو آھي، واقعي تي فوتين جي گھرن ۾ ڪھرام متل آھي، واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.