ٽنڊوباگو(ن پ ا)ٽنڊوباگو ۾ واپارين پاران يوريا ڀاڻ ذاتي گدامن ۾ گم ڪري مارڪيٽ ۾ بليڪ تي آبادگارن کي يوريا ڀاڻ جي في ٻوري ڪمپني جي مقرر 3411 رپين بدران في ٻوري 4200 کان 4300 ۾ وڪرو ڪرڻ جو عمل جاري آهي، واپارين جي اھڙي بليڪ مارڪيٽينگ ۽ مقرر اگھه کان وڌيڪ اگھ ۾ ڀاڻ وڪرو ڪرڻ ۽ ذاتي گدامن ۾ ڀاڻ گم ڪري ضلعي کان ٻاھر ڀاڻ سپلائي ڪرڻ ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو اشتياق علي منگي، مختيارڪار غلام ياسين پنھور ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر بدين امتياز ڀٽو پوليس نفري سان گڏ ٽنڊوباگو ۾ ڀاڻ جي واپارين جي دڪانن، ايجنسين ۽ گودامن تي اوچتا ڇاپا ھڻي واپارين کان ڏنڊ وصول ڪيو، هڪ ڀاڻ جي گودام کي سيل ڪيو ويو. ڏنڊ لڳندڙ واپارين ۾ اڪرم ميمڻ تي 50 هزار روپيا، فيصل ميمڻ تي 50 هزار روپيا، عرفان خواجا کان 50 هزار روپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. جڏهن ته واپاري حاجي محمد خواجا کان 10 هزار روپيا ڏنڊ وصول ڪيو ۽ گودام سيل ڪيو، ٽنڊوباگو جي ھڪ وڏي واپاري پاران ڀاڻ تعلقي مان ٻاھر موڪلڻ ڪري سندس ڀاڻ جي 400 ٻورين جو ڪنٽينر ظبت ڪري سرڪاري تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو اشتياق منگي چيو ته مقرر اگھ کان وڌيڪ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ واپارين تي قانوني قدم کنيو ويندو.