ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ دودو ملاح جي پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر نه هئڻ ۽ درسي ڪتاب نه ملڻ ڪري اسڪول جي شاگردن ۽ ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد ملاح، عبدالجبار، عرس ۽ ناٿو ملاح ٻڌايو ته اسڪول ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ٻار پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪن ٿا. هنن چيو ته حڪومت پاران شاگردن کي ملندڙ درسي ڪتاب به نه مليا آهن. هنن چيو ته فرنيچر ۽ ڪتاب ڏئي شاگردن جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچائي وڃي.