ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ محمد رحيم دل جي پرائمري اسڪول مان چوري ٿيڻ خلاف اسڪولي شاگردن ۽ استادن جو احتجاجي مظاهرو، چورن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي. خبر موجب ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ محمد رحيم دل جي پرائمري اسڪول مان نامعلوم چور اسڪول جي ڪمري جا تالا ٽوڙي اسڪول جي ڪمري مان سولر پليٽ، بئٽري، پنکو ۽ پاڻي وارو موٽر چوري ڪري ويا آهن، اسڪول مان ٿيل تي اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگردن، ڳوٺاڻن ۽ استادن عطا حسين لاشاري، جنيد احمد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري چورن کي گرفتار ڪري ٿيل چوري واپس ڪرائڻ جي گهر ڪئي. اسڪول جي هيڊ ماستر عطا حسين لاشاري ٻڌايو ته صبح جو جيئن اسڪول تي پهتاسين ته اسڪول جي ڪمري جا تالا ٽٽل هئا، نامعلوم چور اسڪول جي ڪمري جا تالا ٽوڙي اسڪول جي ڪمري مان سولر پليٽ، بئٽري ۽ پنکو چوري ڪري کڻي ويا آهن. هن ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي آهي ته چورن کي گرفتار ڪري چوري ڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي.