ٽنڊو الهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي ميرمدد شاھ ڪالوني ۾ 34 ورهين جي ڪاشف ڪشميري گهر جي بورچي خاني جي ڇت ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع  ملڻ تي پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو.پوليس موجب نوجوان جا گهر ڀاتي شادي ۾ ويل هئا، گهر خالي هو نوجوان گهر جي رڌڻي ۾ خودڪشي ڪري پهنجي زندگي جو انت آندو آهي مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون.