ٽنڊوالهيار (رپورٽر ) ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ شهيد الطاف جسڪاڻي جي 3 ورسي ايس ٽي پي پاران ٽنڊوالهيار شهر جي نصرپور روڊ تي ملهائي وئي. سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ کان سوين ماڻھن شرڪت ڪري الطاف جسڪاڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، ڄام عبدالفتاح سميجو، هوت خان گاڏهي، نثار ڪيريو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته الطاف جسڪاڻي سنڌ ڌرتي جو سچو سپوٽ پٽ هو، جنهن سنڌ ڌرتي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي شهادت ماڻي آهي جنهن جي مان ۾ جيترو ڳالهائجي گهٽ آهي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي هر علائقي ۾ ايس ٽي پي سنڌي قوم جي حقن لاءِ جابرن کي للڪاريو آهي، تنهن ڪري ايس ٽي پي عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويٺي آهي. ليگلا ۽ پيپلا حڪمراني حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي جون ٽنگون ڇڪي رهيا آهن، اقتدار جي لالچي پارٽين سنڌ جا وسيلا وڪڻڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن پر هن ڀيري ايس ٽي پي سنڌ ۾ هنن جي تڏا ويڙھ ڪري عوام جي جان انهن لالچي ماڻهن کان ڇڏرائيندي.