ٽنڊو الهيار (رپورٽر) 6 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ تڪرار جي نبيري لاءِ منٿ ميڙ قافلو ٽنڊوالهيار لڳ پھتو. ميرجت برادري جي ٻن ڌرين ۾ 4 فوٽ جي گھٽي تان 4 سال اڳ 6 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ خوني تڪرار تان نبيرو ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلو ڳوٺ ابراهيم ميرجت پھتو. ربنواز ميرجت، سردار ميرجت، سعيد جدگال، ھاشم بلوچ، خادم حسين ميرجت، قادر بخش، لياقت ميرجت متاثر ڌر کي ٺاهه ڪرڻ جي درخواست ڪئي. 6 مقتولن جي وارثن ميڙ منٿ قافلي مان ڏيندي فيصلي لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي. ان موقعي رب نواز ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ جي روايت آهي ته وڏن کي مان ڏنو ويندو آهي ۽  ڳالهيون ٻڌي وينديون آهن، مقتولن جي وارثن مان ڏيندي فيصلي جي رضا منڊي ظاهر ڪئي. واضح رهي ته 4 سال اڳ 6 ڄڻا ھر ھڪ امين ميرجت، عيسيٰ، قاسم ميرجت، مبين، ھاشم ميرجت مارجي ويا هئا، جڏهن ته منٿ ميڙ قافلي ۾سنڌ بلوچستان سميت علائقي جي مختلف برادرين جي اڳواڻن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ خوشي جو اظهار ڪيو .