ٽنڊو الهيار (رپورٽر )  ٽنڊوالهيارجي حيدرآباد روڊ تي واقع قبا اسٽاپ لڳ ڳوٺ بقا ڏاھري جي رھواسي  30 سال جي نوجوان جميل بھراڻي جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل حالت ۾ ھٿ آيو،ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس لاش کڻائي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو، جتي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.  پوليس جو چوڻ هو ته واقعو آپگهات آهي يا قتل جاچ ڪئي پئي وڃي