ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار ۾ پوليس عورت کي غير اخلاقي طريقي سان گرفتار ڪري زوري موبائل ۾ ويهاري ڇڏيو. جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. . ان ڏس ۾ ٽنڊوالھيارجي پٺاڻ ڪالوني وٽان بي سيڪشن پوليس ۽ گهوٽڪي پوليس ڳوٺ جمال خان ڪلوئي واسي نائلا نالي عورت کي زبردستي تشدد ڪري گيلهيندي گاڏي ۾ وڌو ان وقت عورت ڪيهاٽ ڪري چوندي رهي ته مونکي زبردستي اغوا ڪريو کڻي وڃن ٿا، جنهن جي وڊيو اتي بيٺل شهرين ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي. وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي ٽنڊوالهيار نوٽس وٺندي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او مظهر چانڊيو سميت سموري اسٽاف کي سسپينڊ ڪري ڇڏيو. وڊيو ۾ عورت رڙيون ڪندي ڏسي سگهجي ٿي هو اهو به ٻڌائي رهي آهي ته منھنجي مڙس ۽ پٽ کي پوليس گرفتار ڪري کڻي وئي آھي جيڪي مونسان گڏ ھئا. ان ڏس ۾ ٽنڊي الهيار جي ايس ايس پي سيد سليم شاھ صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڪنهن به آفيسر کي اهو حق نه آهي ته هو ڪنهن عورت جي تذليل ڪري غير مناسب روئي سبب ايس ايچ او ۽ ٻين اهلڪارن کي سسپينڊ ڪيو
ٽنڊو الهيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي عدالت ٽن ڄڻن کي بيگناهه قيد رکڻ تي ايس ايچ او ۽ صوبيدار تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، فريادي ساحل خاصخيلي وڪيل مشاهد حسين معرفت عدالت کي بيگناهه گهرڀاتين کي پيشي تان واپسي اچڻ دوران بناجواز گرفتار ڪري قيد رکڻ بابت درخواست ڪئي هئي. درخواستگزار جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي عدالتي ڇاپي دوران بيگناهه قيد ڪيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويو. اي سيڪشن پوليس عدالت کي ماڻهن کي قيد رکڻ بابت درست موقف پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عباس سيال ايس ايچ او اي سيڪشن قمر زمان ملڪ ۽ صوبيدار محمد عرس مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالتي ڇاپي دوران اي سيڪشن ٿاڻي تي نويد، وليد ۽ الهجڙيو کي قيد مان بازياب ڪرايو ويو هو.