ٽنڊو آدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊو آدم ۾ ڪپڙو ٺاهيندڙ پاور لومز فيڪٽري مالڪن جي 12 ڏينهن به هڙتال جاري رهي جنهن دوران 250 فيڪٽريون  بند رهيون، فيڪٽريون بند هجڻ سبب اتي ڪم  ڪندڙ هزارين پورهيت بيروزگار بڻجي ويا آھن ۽ سندن گهرن ۾ فاقه ڪشي واري صورتحال آهي، پاور لومز فيڪٽرين جي مالڪن جي ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ارشاد انصاري، شرف الدين انصاري، سهيل ستار ۽ عمران باوجوا ٻڌايو ته فيڪٽرين ۾ استعمال ٿيندڙ آٽو پارٽس جا اگھه تمام گهڻو  وڌي ويا آهن پر ڪراچي جا ايڪسپورٽرز اجرت نٿا وڌائين، هنن چيو ته اجرت تمام گهٽ ملڻ  سبب پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، جنهن ڪري مجبور ٿي فيڪٽريون بند ڪيون آهن، هنن چيو ته ايڪسپورٽرز کي اجرت وڌائڻ جو چيو آھي پر اڃا تائين مسئلو حل ناهي ٿيو، هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته اجرت وڌائي مسئلو حل ڪيو وڃي، جيئن پورهيت بيروزگاري کان بچي سگهن.