ٽنڊوآدم/ ڪي اين شاهه (نمائندن وٽان ) ٽنڊي آدم ۾ قتل ٿيل قومي ڪارڪن افضل لنڊ واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، پوليس موجب ته وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪنداسين، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي جاچ کي مانيٽر ڪرڻ لاء ايس ايس پي سانگهڙ ريٽائرڊ ڪيپٽن مير صدام خاصخيلي ٽنڊوآدم پهتو جتي هن ڊي ايس پي آفيس ۾ پوليس عملدارن سان گڏجاڻي ڪري جاچ بابت ڄاڻ ورتي بعد ۾ ايس ايس پي صدام خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته افضل لنڊ قتل ٽارگيٽ ڪلنگ آهي اسان جوابدارن تائين پهچڻ لاءِ سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪيا آهن ۽ ٽيڪنيڪل طريقن سان پڻ جاچ ڪيون پيا۔ هن ٻڌايو ته افضل لنڊ بينڪ ملازم هو جنهن کي فون ذريعي قرض وٺڻ لاءِ گهرائي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن محمد افضل لنڊ جي جنازي نماز ڊگري ڪاليج ڀرسان پمپ تي ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ هزارن جي تعداد ۾ سڄي سنڌ مان قومي ڪارڪنن، شهرين، ڳوٺاڻن، مٽن مائٽن همدردن شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ ڪنهن به قوم پرست اڳواڻ شرڪت نه ڪئي ، جنازي نماز بعد جنازو کڄڻ تي سندس جا ويجها دوست عزيز ۽ قومي ڪارڪن اوڇگارون ڏئي روئندا رهيا، افضل لنڊ جي مڙهه کي يقين شاهه قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڳوٺ ڪريم داد لنڊ ۾ مقتول محمد افضل لنڊ جي وڇايل تڏي تي وڏي انگ ۾ ماڻهن قومي ڪارڪنن سندس والد سان تعزيت ڪئي. مقتول جي والد عبدالنبي لنڊ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي منهنجي پٽ جي قاتلن کي وائکو ڪري گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هن چيو ته منهنجي پٽ محمد افضل شهداپور ۾ خانگي بئنڪ ۾ ڪم ڪندو هيو جنهن کي لون وٺڻ بهاني ٽٽنڊي آدم گهرائي بيگناه بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، قاتل گرفتار نه ٿيا ته تڏو کڻي احتجاج ۽ ڌرڻا هڻندس.