ٽنڊو آدم ۾ عورتن جو گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف احتجاج

0
20
ٽنڊو آدم ۾ عورتن جو گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف احتجاج
ٽنڊو آدم ۾ عورتن جو گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف احتجاج

ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ ملوکاڻي برادري جي عورتن گهرن تي مبينا پوليس چڙھائي خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي پيرسن بچائي ملوکاڻي ۽ ٻين دانهيندي الزام هنيو ته اي ايس آءِ ماڻڪ ملوکاڻي برادري تڪرار هجڻ ڪري اسان کي بنا جواز تنگ ڪري رهيو آهي، هن اسان جي گهرن تي چڙھائي ڪري غلام رسول ملوکاڻي کي بيگناهه گرفتار ڪيو، هنن الزام هنيو ته کائن مبينا طور هڪ لک 30 هزار روپيا وٺي پوءِ همراهه کي ڇڏيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پوليس زيادتين جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.