ٽنڊو آدم(ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ سون ٻيڻو ڪرائڻ جي لالچ، شاهينگ سٽي ٿاڻي جي هيڊ ڪانسٽيبل جي امڙ کان لکين رپين جي ماليت جا سونا زيور ڦر ڪري فرار، رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ۾ حيدرآباد روڊ تي سون ٻيڻو ڪرائڻ جي لالچ ۾ سٽي ٿاڻي جي هيڊ ڪانسٽيبل غلام رسول ملوکاڻي جي امڙ مسمات بيگي ملوکاڻي کي ڪار سوار 3 شاهينگن ڳالهين ۾ منجهائي هٿن ۾ پاتل ساڍن 3 تولن جا سونا زيور چوڙيون، منڊيون ۽ ڪنن جون واليون لاهرائي ٻيڻا ڪري ڏيڻ جي بهاني ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڦر ڪيل سون جي ماليت لکين رپيا ٻڌائي پئي وڃي، سٽي ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي آھي.