ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ سنڌ جي البيلي شاعر حسن درس جي 14 هين ورسي ملهائي وئي، تقريب منعقد  لفظن جي ڀيٽا پيش رپورٽ موجب سنڌ جي البيلي شاعر حسن درس جي 14 هين ورسي ڪائنات ھسٽاريڪل، ڪلچرل، پيس اينڊ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ پاران رياض حسين سنجراڻي، عاشق حسين ساند جي ميزباني ۾ تقريب ڪوٺائي ملهائي وئي. جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي، گل حسن لاکو، ڪامريڊ محمد خان پنهور، اخلاق ورياھ سميت شاعرن اديبن ۽ ساڃاھ وندن شرڪت ڪئي ان موقعي تي مقررن ڳالهائيندي چيو ته حسن درس سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر هو جنهن هميشه سنڌ ڌرتي لاء شاعري ڪئي۔ حسن درس جي شاعري نوجوانن لاء مشعل راھ آهي هن جي شاعري مان سنڌ ڌرتي جي مٽي جي خوشبو اچي ٿي شيخ اياز، آڪاش انصاري جهڙن وڏن شاعرن جي صف جو شاعر هو، سندس بي وقتائتي وڇوڙي تي سموري سنڌ اڃان تائين سوڳوار آهي۔ ان موقعي تي مقررن گهر ڪئي ته حسن درس کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء سندس نالي سان منصوب يادگار جوڙايو وڃي ان کان اڳ سنڌي ادبي سنگت پاران اخلاق ورياھ جي اڳواڻي ۾ ساگر ڏهراج، گل حسن لاکو، جانڻ سنڌي، عبدالڪريم ڳاهو ۽ ٻين ڳوٺ مشائخ ۾ ٿي ۽ حسن درس جي آخري آرامگاھ تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري۔