ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ آسنداس گهٽي مان اڻڄاتل جوابدار ڪٻاڙي انور انصاري جي گهر ۾ داخل ٿي 25 هزار روڪ، 18 ريال، 8 هزارن جا انعامي بانڊ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا، گهر ڌڻي موجب اسان گهر ۾ موجود نه هئاسين، ٻئي طرف مٽياري باءِ پاس وٽ ڪار ۾ سوار 4 هٿيار بندن حيدرآباد شادي جي شاپنگ لاءِ ويندڙ موٽر سائيڪل سوار 3 ڄڻن ارسلان راجپوت، دلشاد ۽ عامر کان هڪ لک روڪ رقم، 4 موبائيل فون، گهڙي ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ورتو.