ٽنڊو آدم ( ن پ ا ) ايڊيشنل سيشن جج ٽنڊو آدم جي عدالت شھر جي مشهور يونيفارم سينٽر جي مالڪ ڀائرن فيصل ڀٽي ۽ شڪيل ڀٽي کي عبدالسليم ملڪ کي مسواڙ جي مد ۾ 8 لک 50 هزارن رپين جا جعلي چيڪ ڏيڻ واري ڪيس ۾ سول جج جي عدالت پاران 3 مهينا اڳ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻڌايل 2، 2 سال قيد ۽ 15،15 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا خلاف داخل ڪيل اپيل رد ڪندي هيٺين عدالت جو فيصلو برقرار رکيو، پوليس ٻنهي جوابدار ڀائرن کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ منتقل ڪري ڇڏيو،